اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پر??يز الاهي پاران انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ يورپين يونين جي نمائندن جي اڊيالا جيل ۾ عمرا?? خان سان ملاقات جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ??و چوڻ هو ته ان دعويٰ ۾ ذري برابر به سچائي نه آهي پر اهو هڪ سينيئر سياستدان جو ذهني فتُور آهي. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته هُو اهڙي طرح جي رپورٽس جاري ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل عملدارن کان تصديق ڪري وٺي.