اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 17 کان 18 آڪٽوبر تائين بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاو?? جي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظ۾ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم 18 آڪٽوبر تي ”هڪ کليل عالمي معيشت ۾ رابطي“ جي عن??ان سان منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??در شي جن پنگ ۽ سينيئر چيني اڳواڻ کانسواءِ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم چين ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ا??م چيني واپارين سان پڻ ملاقاتون ڪندو. هو چي?? جي سنڪيانگ خودمختيار علائقي ارومچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ مقامي اڳواڻن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪندو جنهن جو مقصد واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جو جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري تقريبن جو حصو آهي جيڪو چي?? جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي. نگران وزيراعظم چين ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ سي پيڪ جي اهم ڪاميابين ۽ مستقبل جي ترجيحن تي روشني وجهندو ۽ ا?? جي اعليٰ معيار جي ترقي کي گڏيل طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندو.