اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ دنيا تي زور ڏنو آهي ته اها ڪئناڊا جي سرزمين تي ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي اند?? ۽ ??اهر اقليتي گروه?? جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو اقليتي گروه?? جي خلاف عدم برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کا?? غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتي برادري?? جي خلاف دهشتگردي جاري رکي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انه?? جي عبادتگاهن کي مسمار ڪرڻ تي دنيا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت کي غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چيو ته اهو هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪ?? جي سرزمين پاڪستا?? جي خلاف استعمال ڪرڻ، فالس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواي?? جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خطي ۾ مشڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کا?? وڏو ذريعو آهي پر افسوس جو دنيا خاموشي اختيار ڪري رکي آهي.