اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن ??ان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ??ال??ه پرڏيهي وزارت جي ترج??ان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترج??ان چيو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ڪشميري عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي جنهن ۾ ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ انهن ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ترج??ان چيو ته پاڪستان ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمي?? تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.