اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل عل??ئقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خلاف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو ??شا??و بڻجنديون رهيون آهن. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن اينڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي ??اء?? هڪ هٿيار طور استعمال ڪي?? آهي. ترجمان چيو ته عورتن جي خلاف تشدد جون اهي ڪارروايون جاري آهن جن کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض فورسز کي انهن جي جنسي تشدد جي ڏوهن جي ??اء?? قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چيو ته ڏوهارين جي احتساب جي کوٽ والاريل عل??ئقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيندڙن جي ??اء?? انصاف جي عدم موجودگي جي وضاحت ڪري ٿي. ترجمان چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون امن ۽ وقار سان رهي سگهن.