اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه اي??ان جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه اي??ان جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 2 کان 4 آگسٽ تائين پاڪستان جو په??يون ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. اي????ني پرڏيهي وزير اڄ خميس ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات دوران وسيع اي??نڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي. اي????ني پرڏيهي وزير عبداللهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اتفاق راءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اي????ني پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چي??رم??ن سان پڻ ملاقات ڪندو جن ۾ ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پارليام??ني رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کان اڳ اقتصادي ۽ واپار معاملن واري نائب پرڏيهي وزير، رستن ۽ شهري ترقي، سيڙپڪاري، زراعت، توانائي وغيره جي وزارتن جي سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پرڏيهي وزير جي دوري بابت تيارين جي لاءِ ملاقاتون ڪيون. اي????ني پرڏيهي وزير عبداللهيان جو هي دورو ٻنهي ڌرين جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو هوندو جنهن ۾ علائقائي رابطن، توانائي ۽ پاڪستان ۽ اي??ان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.