ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي فوج بپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جي پيش نظر سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، جڏهن ته 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريس??يو ??يو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ نيوي سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي پيش نظر سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ بروقت مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجن سڀ??ي اثاثن سان هر وقت تيار آهي. پاڪ نيوي جي دستن شاه بندر سان لاڳاپيل ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ۽ 64 مهاڻن کي سمنڊ کان ريس??يو ڪيو. بدلجندڙ صورتحال ۽ هر وقت امدادي ڪارروائين جي نگراني لاءِ هيڊڪوارٽر ڪمانڊر ڪراچي ۾ سائيڪلون مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ڇڏيو. پاڪ نيوي جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي جاري ڪيل هدايتن موجب سڀ??ي اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري مهاڻن کي اونهي ۽ کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪ نيوي جي ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي ٽيمون بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ فوري امداد فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. پاڪ نيوي جا جهاز کليل سمنڊ ۾ گشت د??را?? سامونڊن ۾ ڦاٿل ٻيڙين کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. ڪراچي ۾ پاڪ نيوي جي اسپتالن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ ??يو ويو آهي. سامونڊي طوفان بپر جواءِ کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ پاڪ نيوي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ته جئين ضرورت جي پيش نظر بروقت مدد فراهم ڪري سگهجي.