اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن سا?? تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن ايندڙ مالي سا?? 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ور??و. ??نن چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. سياسي وابستگين سا?? مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سا?? 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. آءِ ٽي جو شعبو تيزيءَ سا?? ترقي ڪري رهيو آهي. ان تي سيلز ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪرارن ۽ ٽيڪسن جي مسئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي بنائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي هٿي ڏي?? جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوزارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين سا?? مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آهي. تعليم، صحت جي لاءِ فنڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ماضيءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ها. ماضيءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چوريءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سا?? وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ پاليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي قيمت وڌڻ سا?? معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف سا?? معاملا طئي نه ٿيا ته صورتحال وڌيڪ ??را?? ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي ۽ دوائن جي روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سا??ن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.