ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏي وزير اُنھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي ۾ ماڻھو ڪوشش ڪن ته گھرن کان غير ضروري طور ٻاھر نه نڪرن، ماڻھن کي محفوظ ??نڌ?? ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي محفوظ ??نڌ?? ڏانھن منتقلي جو سلسلو اڃا به جاري آھي. ھن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي اپيل آھي ته اُھي محفوظ ??نڌ?? ڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ به ٿي سگھي ٿو، ڪوبه شخص تفريح لاءِ سمنڊ جو رُخ نه ڪري، عوام حڪومت سان سھڪار ڪري. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھ سامونڊي طوفان جي حوالي سان س??ور?? لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رھڻ جو چيو آھي، س??ور?? اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھي ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ٻاھر نڪرن۔