اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ??ذا??ي لحاظ کان پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا ??هي??ن، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي ??ذا??ي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما سان ملاقات دوران ڪيو. طارق بشير چيما وزيراعظم کي آبادگار پئڪيج تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ فصلن جي حوالي سان وزارت جي منصوبابندي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن وزارت جي ايندڙ مالي سال ۾ زرعي شعبي ۾ جدت ۽ ميڪنائيزي??ن جي حڪمت عملي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. ملاقات دوران وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان کي ??ذا??ي لحاظ کان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ زراعت ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهيا ??هي??ن. هن چيو ته حڪومت ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي بهترين امدادي قيمت سان آبادگارن کي انهن جي محنت جو معاوضو يقيني بڻايو، حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ معياري ٻج، ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ۽ مشينري جي فراهمي جي لاءِ وسيلا رکي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي پيداوار جي ويليو ايڊي??ن جي لاءِ آبادگارن سان گڏجي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندي.