ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسئلن ۽ چئلينج?? جي باوجود پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري لاءِ مالي مسئل?? جي باوجود سمورا ممڪن وسيلا مهيا ڪنداسين، ٽيڪسٽائيل نه رڳو معيشت پر روانگي واپار جي لاءِ پڻ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ٽيڪسٽائيل ايڪسپو کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيڪسٽائيل ايڪسپو جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته هن ايڪسپو ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به سيڙپڪار شريڪ آه?? جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. ٽيڪسٽائيل نه رڳو اسا?? جي معيشت پر روانگي واپار جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. پنهنجي صنعتڪارن ۽ برآمد ڪندڙ?? جي ميڊ اِن پاڪستان شي?? جي برآمد جي لاءِ انه?? جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. مختلف چئلينج?? جي باوجود پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ڪاروباري ماڻه?? جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بهتر ٿي رهيو آهي. سيڙپڪار پاڪستان اچي خوشي محسوس ڪن ٿا. مسئل?? جي باوجود پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي. ٽيڪسٽائيل سيڪٽر اسا?? جي روانگي واپار جو مرڪز آهي. هن چيو ته پاڪستا?? جي نيٽ ويئر ۽ گارمينٽس جي عالمي برانڊ پاران طلب، پراڻي ٽيڪسٽائيل ٽيڪنالاجي ۾ جدت هن شعبي جا اهم سنگ ميل آهن. واپار وارو وزير، واپار وارو سيڪريٽري ۽ ا?? جي ٽيم ۽ پاڪستان ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين زبير موتي والا جي ان شعبي جي بهتري لاءِ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي شعبي جو ملڪي روانگي واپار ۾ 60 سيڪڙو آهي. هن ٽيڪسٽائيل جي شعبي سان واڳيل ماهرن کي چيو ته اهي اڳتي اچن ۽ پاڪستا?? جي روانگي واپار ۽ ان شعبي جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين. وزيراعظم چيو ته ايندڙ هفتي کان پري بجيٽ اجلاسن جو سلسلو شروع ڪنداسين. ناڻي واري وزير کي پڻ مون سان گڏ اچڻو هو پر هو نه اچي سگهيو، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ خاص معاون ڊاڪٽر طارق باجوه اسا?? جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي مون سان گڏ آهن. مالي چئلينجن سميت ٻين مشڪلات?? جي باوجود چمڙي ۽ ٽيڪسٽائيل، راندي?? جي سامان سميت ٻين مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا مهيا ڪنداسين. هن ايڪسپو جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته اهي ٺوس تجويزن سان اڳتي وڌن. پنهنجي صارفين کي معياري شي?? جي فراهمي يقيني بڻائين. هن چيو ته ان ۾ ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته پاڪستان ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي شعبي ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا اڳتي هو جڏهن ته بدقسمتي سان اسان پٺتي رهجي وياسين. اسان کي ٻيهر انهي رستي تي گامزن ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو آهي، اهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي، ا?? جي لاءِ واپار وارو وفاقي وزير ۽ ا?? جي ٽيم اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ايڪسپو جي منتظمين پاران ڀرپور ن??ائش منعقد ڪرڻ تي انهن کي ساراهيو. ڪراچي پاڪستان جو شاندار شهر آهي ۽ هتي باني پاڪستان دفن آهي. واپار واري وزارت پاران نيشنل ڪمپلائنس سيل قائم ڪيو ويو آهي. جيڪو وقت جي ضرورت هئي. اسان يورپي يونين پارا?? جي ايس پي پلس جو درجو ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اسان ان حقيقت کان آگاهه آهيون ته گڊ گورننس سميت سمورا لوازمات پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان قانو?? جي حڪمراني، ميرٽ ۽ آئين موجب اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ٿا. هن غيرملڪي شرڪت ڪندڙن کي چيو ته اهي اسان جا مهمان آهن انه?? جي لاءِ گورنر هائوس جا دروازا کليل آهن. اهي اتي اچي ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي حوالي سان معاهدا ڪري سگهن ٿا. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول انتهائي سازگار آهي، پوري دنيا کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي ميڊ اِن پاڪستان شيون خريد ڪن. هن چيو ته پاڪستا?? جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات انتهائي اعليٰ معيار جون آهن. روس يوڪرين جنگ سان سڄي دنيا جي معيشتن کي بحران درپيش رهيو آهي. هن چيو ته روانگي واپار وڌائي معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي هن ايڪسپو ۾ موجودگي ا?? جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري جي عزم جو ثبوت آهي. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاڪستا?? جي چيئرمين زبير موتي والا چيو ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پاڪستا?? جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پاڪستان دنيا ۾ ڪپهه پيدا ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آهي. اسان ڊگهو سفر ڪيو آهي هٿ سان ٺهيل شين کانپوءِ هاڻي جديد طرز جي مينوفيڪچرنگ تي اچي چڪا آهيون. هن چيو ته اسان دنيا جي هر وڏي برانڊ کي خدمتون ڏيون ٿا. پاڪستاني ٽيڪسٽائيل پنهنجي معيار جي ڪري دنيا ۾ منفرد آهي. هن شعبي ۾ وڏي صلاحيت آهي. هاڻي ان شعبي ۾ جدت آڻي رهيا آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم ايڪسپو جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم سان گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، احسن اقبال، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.