اسلام آباد- 17 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ر??ڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ تقريب من??قد ٿي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان طرفان گهرو وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان جڏهن ته سعودي عرب طرفان سعودي نائب دفاع وارو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. معاهدو حج پانڌيئڙن جي اميگريشن جي عمل کي آسان ۽ هموار ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزي?? سينيٽر طلحه محمود، من??يات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي ۽ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ ٻيا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا.