اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪيو اي?? جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. وزيراعظم منصوبابند?? واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪيو اي?? جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. ايم ڪيو ايم جي وفد آدمشماري تي ايم ڪيو ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظ?? جا ٿورا مڃيا. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطفيٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترق?? وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.