اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائ?? جي ل??ءِ معاشي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ عورتن جي وڌ کان وڌ ڪردار تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکار?? جي ل??ءِ عورتن کي مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪ ٽيليويزن چينل پاران منقعد وومين ليڊرز ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن کي گهرن کان ٻاهر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ معاشرو انهن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکار?? جي ل??ءِ مناسب موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته مردن کي ڪم جي جاين تي هراسان ڪر?? جي حوالي سان عورتن جي خدشن کي ختم ڪر?? جي ل??ءِ پاڻ ذميواري وٺڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان صنفي برابري جي معاملي ۾ ٻين ملڪن کان پٺتي آهي ۽ سماجي ۽ معاشي شموليت جي حوالي سان مرد ۽ عورتن جي وچ ۾ خال کي ڀر?? جي ل??ءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن قائداعظم محمد علي جناح جو مثال پيش ڪيو جنهن جي ڀيڻ فاطمه جناح پاڪستان قائم ٿي?? جي تحريڪ دوران ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان معاشي ترقي چاهيون ٿا ته اسان عورتن کي گهرن تائين محدود رکڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته چين جهڙن ملڪن عورتن کي معاشي سرگرمين جو حصو بڻائي غيرمعمولي ترقي ڪئي آهي. صدر چيو ته اسلام عورتن کي ڪيتريون ئي صديون اھ وراثت جي حق سميت سمورا حق ڏنا ۽ هي اهو وقت هو جڏهن ٻين معاشرن ۾ انهن حقن جو ڪو تصور به نه هو. هن نشاندهي ڪئي ته اولهه دنيا ۾ عورتن کي اهي بنيادي حق رڳو گذريل صديءَ ۾ ڏنا ويا هئا. هن ام المومنين حضرت خ??يجه (رضه الله عنها) جو مثال پيش ڪيو جيڪا پنهنجي طور تي هڪ ڪاروباري عورت هئي. صدر چيو ته بئنڪن پاران عورتن جي ل??ءِ آسان قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، ان بابت انهن جي مناسب رهنمائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مالياتي ادارن کان اهي قرض حاصل ڪري پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن جي اڪثريت اسلام جي تعليم جي باوجود وراثت جي حق کان محروم آهي. ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڳالهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ 20 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن پرائمري سطح تي اٽڪل سئو سيڪڙو داخلا جي شرح حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هي پروگرام عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائ?? جي حوالي سان ڪامياب رهيو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل سان عورتن کي پنهنجي گهرن مان محفوظ انداز سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پارليامينٽ ۾ عورتن کي نمائندگي ڏئي هڪ اهم قدم کنيو آهي، عورتن جي شرڪت وڌائ?? جي ل??ءِ اهڙن وڌيڪ فعال قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته هي ايوارڊ انهن عورتن جو اعتراف آهي جن مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ معاشري جي بهتري جي ل??ءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. صدر ڊاڪٽر علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي ل??ءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هم نيٽ ورڪ جي صدر سلطانه صديقي پنهنجي خطاب ۾ عورت ليڊرن کي نهن جي خدمتن ۽ ڪاميابين تي ايوارڊ ڏي?? جي سالياني تقريب بابت آگاهه ڪيو. ان کان اڳ صدر عارف علوي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن عورت اڳواڻن کي ايوارڊ ڏنا. ايوارڊز ماڻيندڙ عورتن ۾ پروين سعيد، خاور ممتاز، ڪيرن آرمسٽرانگ، سبينه کتري، لاريب عطا، آمنه نواز، ڊاڪٽر زيبا ستار، رونق اقبال لاکاڻي، نسيم صلاح الدين ۽ نعيم احمد شامل هُيون.