اسل??م آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 16 کان 20 فيبروري تائين ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ جرمني جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته پرڏيهي وزير سيڪيروٽي ڪانفرنس ۾ گول ميز مباحثن سميت ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو. هن چي?? ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هم منصبن ۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقات??ن ڪندو. ترجمان چي?? ته پرڏيهي وزير جرمني جي دوري کانپوءِ لٿوانيا جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي سرڪاري دوري تي لٿوانيا ويندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 20 کان 21 فيبروي تائين ولنيئس ۾ پرڏيهي وگير گيبرليس لينڊ سبرگس سان وسيع معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ لٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو، ٻئي ڌريون ٻطرفي سياسي مشاورت قائم ڪرڻ بابت مفاهمتي ياداشت تي پڻ صحيح??ن ڪندو. ترجمان چي?? ته پنهنجي دوري جي آخري مرحلي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 21 کان 22 فيبروري تائين هنگري جو دورو ڪندو ۽ هنگري جي هم منصب پيٽر سيجارٽو سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي غور فڪر ڪندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پرڏيهي وزير ٻطرفي تعاون بابت مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي پڻ صحيح??ن ڪندا جنهن ۾ هڪ سفارتي اڪيڊمين جي وچ ۾ تعاون ۽ ٻيو ??نهي ملڪن جي وچ ۾ راندين ۽ تعليم بابت هوندو.