اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، آئين سمورين صوبائي اڪائين کي گڏ کڻي هلي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداءِ جمهوريت جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان جي آئين ??ي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو ملڪ ۽ قوم کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، 1973ع جو آئين قائد عوام شهيد ذوالفقار عل?? ڀٽو جي امانت آهي، ملڪ جو آبادگار ۽ مزدور طبقو اڄ به شهيد ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، هو ملڪ جي غريب طبقي جو آواز بڻيو. هن چي?? ته هر آمراڻي دور ۾ پاڪستان جي آئين جي لاءِ ڏکيو امتحان رهيو، اڄ اسان جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون اهو ??ه هڪ امتحان آهي، ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، ملڪ آئين تحت هلند?? ته عوام کي ان جا حق ملندا. پرڏيهي وزير چي?? ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين جي خلاف فيصلا ٿيا ملڪ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ کي تازين مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪ آئين تحت هلند?? ته عوام کي ان جا حق ملندا، تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين ٽوڙيو ويو ملڪ کي نقصان کڻڻو پيو.