اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صد?? جي پريس سيڪريٽري قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر عهدو ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پاڪستان حڪومت جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوا??ي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر عهدو ڇڏيندڙ صد?? جي پريس سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشي?? جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب سردار احمد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪريٽري طور فرض سنڀ??لڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي عهدي تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد نواز سکيرا جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان نوازيو. قمر بشير انفارميشن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪريٽري طور فرض سنڀ??لڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پيرس، فرانس ۾ پاڪستان جي پريس قونصل?? جي عهدي تي فائز رهيو.