ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان ??ضافو خوش آئنده آهي، ابوظهب?? چيمبر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ پاڪستاني واپاري جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ??بوظهب?? چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت چيمبر ج?? چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ناڻي وا??و وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وا??و وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع وا??و وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي وا??و وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، مواصلات وا??ووفاقي وزير مولانا اسعد محمود، وزيراعظم جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس يو اي اي جي هڪ اهم چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملي خوشي ٿي. هن چيو ته ابوظهب?? چيمبر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته چيمبر ۾ پاڪستاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان ??ي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جيڪو ان ??قيقت جو مظهر آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ عوام سان ??وام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي صلاحيت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان ??ضافو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? چيمبرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پاڪستان?? چيمبرز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظهب?? چيمبر سان نوان ??ابطا قائم ڪن. وزيراعظم ابوظهب?? چيمبر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ڪند?? چيو ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ??و دورو ڪن. وزيراعظم چيو ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظهب?? چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.