جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان سوئٽزرلينڊ جي فيڊرل قونصلر ۽ پرڏيهي معاملن جي فيڊرل ڊپارٽمينٽ جي سربراهه اگنازيو ڪيسس جنيوا ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تازي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي قد??ن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳ??پن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.