اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اميد آه?? ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قومن پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ??اڻ??ن جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آه?? ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ??اڻ??ن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يورپي يونين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يونين جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آه??. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آه?? ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آه?? ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آه??. وزيراعظم يورپي يونين جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪار??وا??ن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي سامان جي فوري پهچ ۽ ورڇ شامل آه??. حڪومت سڄي ملڪ جي ??اڻ??ن جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آه?? ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آه??. وزيراعظم وڌيڪ چيو ت?? گڏيل قومن جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آه?? ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران اعلان ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.