مظفر آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي حريت ??انفرنس جي سڏ تي اڄ جمعي ڏينهن آزاد ڪش??ير ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي آئيني ترميم ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن جي خلاف اڄ 5 آگسٽ تي رياست ڄمون ۽ ڪش??ير جي ٻنهي طرفن جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گادي واري شهر مظفر آباد ۾ سڀ کان وڏي ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪش??ير ۽ پاسبان حريت جي گڏيل سهڪار سان مرڪزي پريس ڪلب آڏو آزادي چوڪ کان گڏيل قومن جي مشن آفيس تائين پيادل مارچ ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي نالي ڀارتي ظلمن ۽ معصوم ڪش??يرين جي قتلام، دنيا جي ڊگهي ترين لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي لاڳو هجڻ تي احتجاجي ميمورنڊم پيش ڪندي. ريلي جي قيادت آزاد ڪش??ير قان??نس??ز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، پاسبان حريت جو چيئرمين عزيز احمد غزا??ي، پيپلزپارٽي جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير، وائيس چيئرمين مشتاق السلام ڪندا. پارٽي صدر چوڌري محمد ياسين، سيڪريٽري جنرل فيصل ممتاز راٺوڙ، آزاد ڪش??ير، پناهگيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ قائم تنظيمن کي ڀرپور احتجاجي ريليون ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.