مري – 23 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته مري ايڪسپريس وي جي مرمت جي لاءِ ضروري قد?? کنيا وڃن، هر 15 ڪلوميٽر تي بهترين معيار جا ريسٽ ايرياز ٺاهيا وڃن، غيرقانوني اڏاوتن کي روڪيو وڃي، نيو مري ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل بڊنگ ڪرائي وڃي، تعميراتي منصوبن سان مري جي قدرتي حسن ۽ لينڊ اسڪيپ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. مري جي دوري جي موقعي تي وز??راعظم کي اين ايڇ اي عملدارن بريفنگ ڏني. وز??راعظم مري ايڪسپريس ويس جي لاءِ ضروري قد?? کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته هزاره موٽروي جي معياري ڪم کي نظر ۾ رکندي مري ايڪسپريس وي جي مرمت ڪئي وڃي، اڳ م ئي تمام گهڻو پئسو ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي هڪ پئسو به ضايع ٿيڻ نه گهرجي ۽ هزاره موٽروي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪري معياري ڪم ڪيو وڃي. وز??راعظم ايڪسپريس وي تي جڳهه جڳهه غيرقانوني تعميرات روڪڻ 7 هر 15 ڪلوميٽر کانپوءِ مناسب جڳهه تي معياري ريسٽ ايرياز ۽ اسپاٽس بڻائن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سياحن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وز??راعظم مري جي لاءِ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ تعليمي سهولتون بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نيو مري جي تعمير ان انداز ۾ ڪئي وڃي ته علائقي جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ جي سهولت عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ عالمي بڊنگ ڪرائي وڃي. ان موقعي تي مواصلات و??رو وز??ر مولانا اسعد محمود، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ۽ اڳوڻو وز??راعظم شاهد خاقان عباسي پڻ موجود هئا.