اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ر??ڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چي?? آهي ته ان قدم سان هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪي??ن وينديون، مستقبل ۾ ان جو دائرو ملڪ جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي قيادت ۾ ”ر??ڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سعودي ڊپارٽمينٽ آف دي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف پاسپورٽ جي منصور شاهد اي?? الطائيبي به موجود هو، سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي سطح تي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ٻنهي ملڪن جو موقف گڏيل آهي، هن چيو ته ٻئي ملڪ وقت جي لاهن چاڙهن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، وزيراعظم ر??ڊ ٽو مڪه منصوبي تي سعودي قيادت جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ان قدم تحت هزارين پاڪستاني حاجي سڳورن کي سهولتون فراهم ڪي??ن وينديون، هن چيو ته ”ر??ڊ ٽو مڪه“ قدم مستقبل ۾ پاڪستان جي ٻين شهرن تائين وڌايو ويندو، سعودي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??. ”ر??ڊ ٽو مڪه“ قدم جو مقصد سعودي اميگريشن ۽ ڪسٽم بابت رسمي ڪاررواين کي حج لاءِ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي روانگي کان اڳ مڪمل ڪرڻ آهي، سعودي سفير چيو ته سعودي ٽيم اهڙن حاجي سڳورن جي ملڪ کان روانگي کان اڳ انهن جي سهولت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي.