اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اڳ ۾ ئي پاڪستاني سفارتخانو زائرين سان مڪمل را??طي ۾ آهي، اٽڪل 300 زائرين شام ۾ ڦاٿل آهن، سمورن پاڪستانين جي وطن واپسي جي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پاڪستاني سفارتخانو ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) عملدار به مڪمل را??طي ۾ آهن. شام ۾ فضائي آپريشن معطل ٿيڻ کانپوءِ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته (سڀاڻي) سومر 13 جون 2022ع تي 160 ماڻهو پي آءِ اي جي ذريعي اليپو ايئرپورٽ (??مش?? کان اٽڪل 150 ڪلوميٽر پري) کان پاڪستان وڃڻ جي لاءِ تيار آهن. پاڪستاني سفارتخاني ??مش?? کان اليپو تائين مسافرن جي اچ وڃ جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته باقي 140 زائر??ن پاڻ عراق ويندا.