اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پر??يز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت پاران ياسين ملڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آه??، مشعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، مذمتي قرارداد ۾ ڀارتي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرجن جي منافي قرار ڏنو ويو آه??، پارليامنيٽ ۽ عوام سدائين ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آه??، ڀارتي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين ملڪ ۽ ڪشميري عوام جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، راجا پر??يز اشرف چيو ته ياسين ملڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀارت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آه??، ياسين ملڪ قيد جون صعوبتون برداشت ڪري حق ۽ سچ جي جهنڊي کي بلند ڪيو آه??، ڪشمير جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ، پر??ٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آه??، پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام ۾ رت جو رشتو آه?? ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، جهڙي طرح هر رات ک??نپ??ءِ صبح ٿيندو آه??، اهڙي طرح والاريل ڪشمير وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر راجا پر??يز اشرف جو دورو ادا ڪندي چيو ته ڀارت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو دٻ??يو ويو آه??، مودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آه?? ۽ ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آه??، نيسلن منڊيلا جي فيملي کي ان سان ملڻ جي اجازت هئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آه??، هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ياسين ملڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، منهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀارت ۾ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.