اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏيندي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪ حڪومت جي ثابت قدم حمايت ۽ اصولي موقف تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪي جي دوري جي موقعي تي انقره ۾ ترڪ پرڏيهي وزير ??يولود چائوش اولو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ترڪي جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري ۽ ترڪ پرڏيهي وزير ??يولود چائوش اولو جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري گرمجوشي سان مهمانوازي تي پنهنجي ترڪ هم منصب جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ٻطرفا لاڳاپا پيار ۽ محبت تي ٻڌل آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام هڪ ٻي جي لاءِ رکندي آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ جاري تعاون جو جائزو ورتو، پرڏيهي ??زي?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بلندي تائين وٺي وڄڻ لاءِ مفيد طريقيڪار جي طور تي ڪم ڪندا رهندا آهن، هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ ترڪي ۾ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس جو منتظر آهي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير ??نهنجي ويجهي پاڙيسري ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ سلامتي لاءِ ترڪي جي تعاون کي ساراهيو. افغانستان جي باري ۾ پرڏيهي ??زي?? افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري ۽ عبوري افغان حڪومت جي وچ ۾ مسلسل رابطي جي ضرورت تي زور ڏنو، بلاول ڀٽو زرداري يوڪرين جي بحران ۾ ترڪي جي تعميري ڪردار ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ ترڪ پرڏيهي ??زي?? جي ذاتي ڪوششن کي به ساراهيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري ترڪي جي سرڪاري دوري تي ??زي??اعظم سان گڏ آهي. هڪ مهيني کان گهٽ عرصي ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي اها ٻي ملاقات هئي. پرڏيهي ??زي?? بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزير ??يولود چائوش اولو گذريل رات آجياڻو به ڏنو.