اسلام آب??د ?? 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته سياست جي آڙ ۾ قانون جي رکوالن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ صرف لاقانونيت ۽ غنڊه گردي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عمرا?? خان جي 2014ع جي تشدد ۽ انتشار جي وڊيوز جاري ڪندي چيو ??هي ته خوني مارچ جا منظر اهڙا هوندا. هن چيو ته قوم کي سياست ۾ تشدد جي مذمت ڪرڻي پوندي، قوم نه وساري ته هي اهو فسادي ۽ فتني باز جٿو ??هي جيڪو ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻ??هر انتشار پکيڙڻ اچي رهيو آهي، هن چيو ته عمرا?? خان 9 آگسٽ 2014ع تي چيو هو ته اسان جو لانگ مارچ اسلام آباد طرف پرامن رهندو ۽ پوءِ هن 126 ڏينهن پاڪستان ۾ سول نافرماني ڪئي، ماڻهن کي انتشار تي اڪسائڻ، بجلي جا بل ساڙڻ، هُنڊي سان پئسا موڪلڻ ۽ ماريو، جلايو جو فساد عوام ڏٺو، قوم کي سياست ۾ فساد ۽ انتشار جي مذمت ڪرڻ گهرجي.