اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ با??ه لڳڻ سبب ڪڻڪ جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آبادگارن جي مالي امداد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پنجاب ??ڪو??ت کي حڪم ڏنو ته جن آبادگارن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وز??راعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ سڙي راک ٿيڻ تي آبادگارن جي فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمض??ن المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻڪ جي تيار فصل کي با??ه لڳي وئي هئي، با??ه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻڪ جي فصل لاٻاري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، سرڪاري رپورٽ موجب 15 آبادگارن جي تيار ڪڻڪ سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مش??ن ۾ فني خرابي سبب با??ه لڳي، مش??ن جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي با??ه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان با??ه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.