اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) ا??يڪ??ن ڪميشن چ??و آهي ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته عام چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گهربل هوندا، ا??يڪ??ن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف عام چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. ا??يڪ??ن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊن جي تيارين جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ ا??يڪ??ن ڪميشن چ??و آهي ته ا??يڪ??ن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنهن جي آئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تح?? حاصل آهي، چونڊن لاءِ تڪبنديون هڪ بنيادي قدم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) تح?? آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ ا??يڪ??ن ڪميشن جي ذميداري آهي، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذريعي هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندين جي اجازت ڏ??ي وئي جنهن جي بنياد تي 2018ع جي عام چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو و??و آهي ته 25 هين آئيني ترميم تح?? فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو و??و آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ان جي ڪري نيون تڪ بنديون لازمي آهن تنهن ??وندي به ايئن ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو و??و آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ڊجيٽل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ ا??يڪ??ن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ڊجيٽل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو و??و آهي، ا??يڪ??ن ڪميشن کي هن ??قت تائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، ا??يڪ??ن ڪميشن چونڊن جي انعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن ??وندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گهربل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آهي، ا??يڪ??ن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آهي.