اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پرو??يش??لز پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوڪرين جا مختلف موقعا موجود آهن، وفاقي حڪومت تمام سٺي آءِ ٽي پاليسي متعارف ڪرائي آهي، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جا سربراهه ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سوليوشن ان ڪارپوريشن جي اهتمام هيٺ 8 هين پاڪستان سي آءِ او سمٽ ۽ ايڪسپو 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده وفاقي حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي آءِ ٽي جي شعبي تي ڌيان ڏنو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي، آرٽي??يش??، انٽيلي جنس ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. هن چيو ته دنيا کي 2030ع تائين 80 لک سائبر سيڪيورٽي پرو??يش??لز جي ضرورت آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت هر انساني ڪوشش ۾ شامل هوندي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ تمام وڏي ڊيٽا دستياب آهي پر ان جو تجزيو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽ??ين صنعتي انقلاب دنيا جون حالتون تب??يل ڪري ڇڏيون ۽ چوٿين صنعتي انقلاب ڊيجيٽل اڪانومي ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي شڪل ۾ وڏي تب??يلي آندي. هن چيو ته آءِ ٽي پاليسي ڪمپنين کي انڪم ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ ٻيون ڇوٽ واريون مراعتون ڏي ٿي. صدر چيو ته آئون پاڪستان جي مستقبل تي پڪو يقين رکان ٿو، عورتن وٽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، عورتون گهر کان ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي مدد ڪرڻ جي لاءِ پئسو ڪمائي سگهن ٿيون. هن چيو ته حڪومت روايتي ايڪسپورٽ کانسواءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي پڻ حوصلا افزائي ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڙپ??ار ۽ ڪمپنيون آءِ ٽي جي انوينشنز ۾ سيڙپڪاري ڪن. صدر يونيورسٽين کي چيو ته اهي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پڙهائين. هن ان موقعي تي خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.