اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آ??ي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ت??مي??ي بل جي حمايت ڪن، صوبي جي قيام لاءِ اسان ٻين پارٽين وانگر لڙڪ ناهن هاريا، عملي قدم کڻي ڏيکاريا آهن، وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، شاهه محمود قريشي چيو ته هن وزيراعظم عمران خا?? جي هدايت تي آئيني ت??مي??ي بل کي پيش ڪيو آ??ي، وزيراعظم ان بل جو جائزو وٺي ا?? جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ سرڪيوليش?? جي ذريعي ڪابينا ميمبرن کان ا?? جي منظوري ورتي وئي، ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف ??ي چونڊ منشور جو حصو آ??ي، هن چيو ته 28 مارچ تي قومي اسيمبلي جي ايجنڊا تي ڏکڻ پنجاب صوبي جو آئيني ت??مي??ي بل آندو پيو وڃي اهو ڏکڻ پنجاب جي ٽي چار ڪروڙ ماڻهن لاءِ خوش آئنده اڳڀرائي آهي، موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بڻايو ۽ ان لاءِ فنڊز مختص ڪيا، ملتان ۽ بهاولپور ۾ سيڪريٽريٽس ۾ مختلف آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آ??ي، هن چيو ته اڄ اسان ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آ??ي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن سميت مخالف ڌر جي پارٽين تي زور ڏنو آ??ي ته هو ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ پيش ڪيل آئيني ت??مي??ي بل جي حمايت ڪن. يوسف رضا گيلاني کي جيڪڏهن صوبو گهرجي ته هو اسا?? جي بل کي ووٽ ڏي، جيڪڏهن هو مخلص آهي ته مانگر مڇ جا ڳوڙها واهڻ بدران سنجيدگي سان ان ت??مي?? تي اسان جو ساٿ ڏي. توهاڻ وزيراعظم جي حيثيت سان ڏکڻ پنجاب جي عوام کي لولي پاپ ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پهرين حڪومت آهي جنهن ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آ??ي ته ڏکڻ پنجاب ل??ءِ ڌار ساليانو ترقياتي پروگرام پيش ڪيو ويو آ??ي، پيپلزپارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته هو ان صوبي جي حق ۾ آهي، حڪومت ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ان ت??مي?? جي حق ۾ آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن ا?? جي حمايت ڪن، هن چيو ته اهو مقامي ماڻهن جو پراڻو مطالبو آ??ي ۽ ان سان وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ڏکڻ پنجاب جي عوام کي اپيل آهي ته هو پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کي درخواست ڪن ته هو ا?? جي ٻار?? جي مستقبل لاءِ ان جو ساٿ ڏين، ڏکڻ پنجاب جا شهري، عورتون ۽ دانشور ان بل جي حمايت لاءِ آگاهي پيدا ڪن. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام ۾ دير ناهي ڪئي، مخالف ڌر اڳواڻ بل پڙهڻ کانسواءِ ان کي دوکو قرار ڏنو ۽ ا?? جي خلاف ??ي بنياد تنقيد ڪئي، اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ويندو، اتي هي پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن ٿا، اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. اسان حڪومت ۾ هجون يا نه هجون ان بل جي حمايت ڪنداسين، پهرين اهي چوندا هئا ته ووٽ کي عزت ڏيو، هاڻي انهن جو اهو نعرو آ??ي ته ووٽ کي نوٽ ڏيو، هڪ سوال جي جواب هن چيو ته وزيراعظم جي خلاف مخالف ڌر جي بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي. هن چيو ته اسان ا?? جي رٿ جو جمهوري، آئيني ۽ سياسي انداز ۾ مقابلو ڪنداسين.