ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن ون آن ون ملاقات ۾ معيشت، واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن ل??ڳا??ن، علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽرز ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ٻطرفن ل??ڳا??ن جي سمورن رخن، بطرفي واپار، معيشت ۽ توانائي خاص طور ت?? پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. 23 سالن کانپوءِ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ل??ڳا??ن جي تجديد لاءِ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.