اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان ترڪيءَ جي مذهبي معاملن جي پريزيڊنسي جي سرب??اه?? پروفيسر ڊاڪٽر علي ايرباس ملاقات ڪئي. وز??راعظم ملاقات ۾ ترڪيءَ جي منظم اداراجاتي تعليمي نظام جي شعبي ۾ بهترين قدمن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ شاندار ٻط??فن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مذهبي، ثقافتي، لساني ۽ تعليمي رابطن، عوام سان عوام جي رابطن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. وز??راعظم منظم ۽ اداراجاتي مذهبي تعليمي نظام جي ترڪ ماڊل کي سا??اه??و ۽ ان شعبي ۾ بهترين طريقن ۽ معلومات جي مٽاسٽا جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي زور ڏنو. هن چيو ت?? ڊاڪٽر ايرباس جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي مذهبي ادارن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وز??راعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي پاڪستان جي مستقل حمايت تي ترڪ حڪومت ۽ قيادت جا ٿورا مڃيا. هن وڌندڙ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي گڏيل قدمن تي پاڪستان سان ترڪيءَ جي ويجهي تعاون کي پڻ سا??اه??و. پروفيسر ڊاڪٽر ايرباس والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ترڪيءَ جي اصولي موقف کي ورجايو. هن پاڪستان پاران رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ کي سا??اه??ندي ان سلسلي ۾ ترڪيءَ جي تعاون جي آڇ ڪئي. هن وز??راعظم کي ترڪ قيادت پاران خيرسگالي جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ ٻط??فن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ترڪيءَ جي خواهش کي ورجايو.