ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيوار??ڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل ا??نڊ وو??يش??ل ا??جو??يش?? اينڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي مختلف ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه عارف علوي چيو ته پيشيوار??ڻي تربيت جي شعبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن تربيتي ادارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انڊسٽري ۽ تربيتي ادارن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪندڙ هنر جي تربيت جي لاءِ مضبوط رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ا??جو??يش?? اينڊ وو??يش??ل ا??ارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ?? سڄي صوبي ۾ هنرمند??ڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تربيتي پر??گرام جوڙڻ ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ڌرين تي زور ڏنو ته اهي پيشيوار??ڻي مهارتن جي اهميت جي حوالي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ا??جو??يش?? اينڊ وو??يش?? اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيوار??ڻي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.