اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ۽ پاڪستاني قوم سريلنڪا جي شهري جي قتل جي سخت مذمت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اسان فوتي جي بهادر گهرڀاتين، سريلنڪا جي حڪومت ۽ ع??ام سان دل جي گهراين سان تعزيت جو اظهار ڪندي يقين ڏياريون ٿا ته ان وا??عي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن چيو ته اهڙي قسم جي قدمن جو اسان جي مذهب ۽ ملڪ ۾ ڪو ت??ور نه آهي.