اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ ل??ءِ ??جس??ريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس راشن پروگرام بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار سينيٽر ڊ??ڪٽ?? ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خصوصي مددگار ڊ??ڪٽ?? شهباز گل سميت لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ ل??ءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي تڪليفن جي خبر آهي اسان غريب ماڻهن کي روز مره جي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس راشن پروگرام تحت ملڪ جي ان 2 ڪروڙ گهرن کي اٽو، گيهه ۽ دالين تي هڪ هزار روپين جي ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي ماهوار آمدني 50 هزار روپين کان گهٽ آهي، وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام 15 ڊسمبر کان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو، پروگرام تحت ڪريانه اسٽورن جي ??جس??ريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽور ??جس??رڊ ٿي چڪا آهن، وزيراعظم لاڳاپيل عم??دا??ن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ وڌ کان وڌ غريب گهرن کي فائدو پهچائڻ ل??ءِ ??جس??ريشن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن ان سلسلي ۾ ڪريانه اسٽورن ۽ ممڪنه فائدو وٺندڙن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ ل??ءِ ضلعي حڪومت جي عم??دا??ن کي به متحرڪ ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي.