ڪوئيٽا – 16 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي فلاحي رياست پهرين ڏينهن کان ئي پي ٽي آءِ جي منشور جو حصو آهي، غريب ۽ پيڙهيل طبقي جي لاءِ شروع ڪيل احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن کي في خاندان 12 هزار رپيا ورهايا ويا آهن، ان ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 3 لک 38 هزار غريب خاندان به شامل آهن، عورتون کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻو پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترقي جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ??ردار ادا ڪري سگهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ احساس ڪفالت ڪيش ۽ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ جي حوالي سان تقريب کي ??طا?? ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا د??ران وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي ۽ ان فيصلي سان غريب ۽ مزدور طبقي کي مالي طور تي مشڪلاتن کان بچايو. هن چيو ته لاڪ ڊائون دوران احساس پروگرام تحت 12 ڪروڙ خاندانن ۾ 200 ارب رپيا ورهايا ويا. صدر چيو ته حڪومت جي مثبت قدمن جي ڪري ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيڙهيل طبقن کي مٿي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته عورتن کي احساس ڪيش پروگرام تحت رقم جي ادائيگي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته عورتن کي معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻو پوندو ته جيئن اهي ملڪي ترقي جي عمل ۾ سڌوسنئون پنهنجو ??ردار ادا ڪري سگهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان صدر جو ??وڻ هو ته پاڪستان جي ترقي جو دارومدار آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ تي آهي. شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو مقصد تعليم ۾ برابري آڻڻ آهي، دنيا آءِ ٽي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، اسان کي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکي آءِ ٽي شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن ??ون??ورسٽيز جي وائيس چانسلرز تي زور ڏيندي چيو ته اهي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت سليبس کي جديد دور جي گهرجن ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب بڻائين ته جيئن اسان جا گريجوئيٽس به اڳتي وڌي آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو ??ردار ادا ڪن. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، جنهنس ان خصوصي ماڻهو پنهنجي آمدني جو بندوبست ڪري سگهندا. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ذريعي عورتون به قرضن جي سهولت مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. تقريب کي بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ بي آءِ ايس پي بلوچستان جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالجبار پڻ ??طا?? ڪيو. ان کان اڳ صدر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ سرٽيفڪيٽس ۽ مستحق عورتن ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت روڪ رقم ورهائي.