اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ٻنهي اڳواڻن مس??ما?? امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي جي 98 هين سالگرهه جي موقعي تي ترڪ سفارتخاني ?? منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ ڀائرن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو لازوال رشتو سدائين قائم رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪي جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، بحري مع??مل?? وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.