اسلام آباد – 18 211; ??ڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? مشهور شاعر، صحافي ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر اجمل نيازي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته نه رڳو تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون پر هو صحافت جهڙي عظيم شعبي سان لاڳاپيل ره??و، ڊاڪٽر اجمل نيازي مرحوم اردو ۽ پنجابي شاعري سان گڏوگڏ 45 سال تائين ادب جي خدمتن ۾ گذاريا، چوڌري فواد ??سي?? چي?? ته روزاني نواءِ وقت ۾ “بي نيازيان“ جي عنوان سان مرحوم اجمل نيازي جا ڪالم ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي، تعليم جي شعبي ۽ ادب جي ميدان ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن نه ڀرجي سگهجندو?? وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.