اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ايران س??حد ”امن ۽ دوستي“ جي س??حد آهي، س??حد تي سيڪيورٽي ۾ اضافي، سرحدي مارڪيٽس قائم ڪرڻ سان علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان سان ايران جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري ڪالهه اربع ڏينهن هتي م??اقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد بگهيري جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ??يو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس جي م??قعي تي دوشنبي ۾ ايراني صدر رئيسي سان پنهنجي م??اقات جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي م??ڪن جي گڏيل تعاون جي فروغ جو محرڪ ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ٻطرفي واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ??ندي چيو ته ٻنهي م??ڪن ۾ معاشي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جو فروغ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران س??حد ”امن ۽ دوستي“ جي س??حد آهي. هن س??حد جي ٻنهي طرفن سيڪيورٽي ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ انهن مارڪيٽن ۾ ڪاروبار جي شروعات علائقي جي عوام جي آمدني ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪ ايران س??حد تي ٻه وڌيڪ سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس کوليون ويون آهن جنهن سان س??حد جي ٻنهي طرفن اچ وڃ جي سهولت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي ايران جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته ايران جي سپريم ليڊر جي ان حوالي سان موقف کي ڪشميري پنهنجي خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد جي لاءِ هڪ مضبوط سپورٽ سمجهن ٿا. وزيراعظم عمران خان ايران جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان ضرورت تي زور ??نو ته افغانستان جو پاڙيسري هجڻ جي ڪري افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان پاڪستان ۽ ايران سڌوسنئون متاثر ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان افغانستان کي هڪ پرامن ۽ مستحڪم ملڪ ڏسڻ چاهي ٿو جنهن جي معيشت پائيدار هجي ۽ افغانستان رابطن جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿئي. وزيراعظم عمران خان عاليم برادري تي زور ??نو ته اها افغانستان سان مثبت اميدون رکندي انساني بنيادن تي فوري طور تي امداد فراهم ڪري ۽ افغانستان کي معاشي ڏيوالپڻي کان محفوظ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن افغانستان جي مالي اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو ته جيئن جنهن سان سخت سرديءَ جي م??سم جي اچڻ کان اڳ ان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ افغان عوام جي مدد ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ قومي مصالحت ۽ ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ??نو ۽ چيو ته گذريل مهيني افغانستان جي 6 پاڙيسري م??ڪن تي ٻڌل قائم ڪيل پليٽ فارم تي پاڪستان ۽ ايران جي ويجهي حصيداري ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان ايراني صدر رئيسي جي لاءِ مبارڪباد جو پيغام پڻ ??نو ۽ ان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي پڻ ورجايو.