اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊي?? مثبت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ معاونت ڪري.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ نجي ٽي وي چينل جي صحافي حبيب اڪرم س??ن ڳالهائ??ند?? وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمرانن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خان چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گهرجي، غلط اطلاع ک??ن پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرج??. ه?? چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.