اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آه?? ته سٺي ڳالهه آه?? جو پارليامينٽ هلي پئي آه??، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ضلعي انتظاميه ۽ پ??ليس اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آه?? ته صرف غريب ئي قانون جي پڪڙ ۾ ??چي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قانون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آه?? ته غريب قانون جي گرفت ۾ ??چي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ٿئي.