اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب قانونساز اسيمبلي ميمبرن علي شان سوني، علي رضا بخاري، صغير چغتائي، اڳوڻي اسپيڪر ا??وارالحق ۽ اڳوڻي وزير شهزاد چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪ??دي وزيراعظم عمران خان جي قيادت، ويزن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پاليسين تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪ??و، قانونساز اسيمبلي ميمبرن چيو ته ٺوس حڪمت عملي سان وزيراعظم عمران خان ملڪ کي مالي بحرانن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي ۽ جنهن موثر ا??داز ۾ هن عالمي فورمن تي نه رڳو ڪشمير پر اسلام جو ڪيس وڙهيو آهي اهو انتهائي ساراهه جوڳو آهي.