ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هج??، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آهي، نيون اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ نجي شعب?? جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن علائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترق?? جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت سهولت ڪار?? جي فراهم?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هج?? اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن برطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي رياست هئي ۽ اتي س??ني ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪيو ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي س??هيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تما?? وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪينسر جو علاج گهڻو مهانگو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مدين?? جي رياست دنيا جي پهرين فلاحي رياست هئي، دنيا ۾ مدين?? جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتالن جو ڏورانهن علائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آهي.