اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وچ ايشائي ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اقتصادي واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي رابطن جي فر??غ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ بحر هند تائين پهچ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪ پا??ست??ني بندرگاهن جي ??ڏن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازب??ست??ن جي ٽرانسپورٽ واري وزير ميخوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي رابطن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.