اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ٻارن جي نامڪمل واڌويجهه (اسٽنٽنگ) تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وفاق ان حو??لي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. اسٽنٽنگ کي روڪڻ لاءِ جامع روڊ ميپ جوڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي پيش ڪيو وڃ??، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پاڪستان نيشنل نيوٽريشن ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي پهرين ا??ليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.