اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ عوام جي بنيادي ضرورت آهي تنهن ڪري انهن جي دستيابي ۽ مناسب قيمت کي يقيني بڻايو وڃي. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب وز??راعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال، نجي ۽ سرڪاري سطح تي ڪئي ويندڙ درآمد ۾ هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.