اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب خاندانن جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت هر سال 50 هزار شاگردن کي تعليمي وظيفا ڏنا ويندا، غريب خاندانن جي لاءِ راشن پروگرام پڻ متعارف ڪرايو ويندو ۽ گيهه، اٽو، دال ۽ کنڊ غريب خاندانن کي فراهم ڪئي ??يندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جا پروگرام شروع نه ڪيا وي?? جن سان معاشري جي عام ماڻهن کي مٿي اچڻ جو موقعو ملي سگهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي ??اءِ نه سوچيو ويو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.