اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز ??بريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وفاقي وزير م??زز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ کي ساراهيو. هن چيو ته اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي تي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ دهش??گر??ي جي خاتمي بابت مشاورت کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي دهش??گر??ي جي خلاف جنگ ۾ چين جي سفارتي ۽ مادي حمايت کي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته پاڪ چين سيڪيورٽي تعاون علائقائي استحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خطرن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽيلي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان افغ??نس??ان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌيان ڏيندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغ??نس??ان پاڪستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. معزز مهمان علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ دهش??گر??ي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيو.