اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻ??رفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد اب??اه??م رئيسي جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا وزير ۽ اعليٰ عملدار موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ٻ??رفن لاڳاپن جي دائري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي تاريخ تي روشني وجهندي ٻنهي اڳواڻن ٻ??رفن لاڳاپن، خاص طور تي واپار، توانائي، رابطن، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وسيع پئماني تي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ايندڙ 5 سالن ۾ بطرفي واپار جو ڪاٿو 10 ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خطري سميت گڏيل چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. صدر اب??اه??م رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ اس??ائيلي قابض فوج پاران 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان طاقت جي انڌاڌنڌ اس??عمال جي شديد مذمت ڪندي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ گه??راءُ ختم ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ غزه جي گه??ريل عوام جي لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشميري عوام ۽ ان جي جائز حقن جي لاءِ ايران جي واضح ۽ اصولي حمايت تي ايراني قيادت خاص طور تي سپريم ليڊر آيت علي خامنه اي جي موقف کي سا??اه??و.